اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غي??جا??بداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي ا??تحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي ا??يمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائ?? ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي لاءِ تڪر??ري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون خت?? ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي ا??تحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشم??ري جو عمل ج??ري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشم??ري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشم??ري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي ا??يمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي ??اهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو.