اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سبي ۾ بلو??ست??ن ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد اهلڪارن جي گ??رڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بلو??ست??ن ۾ دهشتگردي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي. پاڪ زمين کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪنداسين. شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ??ا. ??زيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي.