اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ ??اڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي گ??يل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪ??ارن جي پرامن حل جي لاءِ ??اڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هن انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي پريپريٽري آفيس جي افتتاحي تقريب ۾ وڊيو پيغام ذريعي خطاب ڪيو. چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سمورين ڌرين کي آفيس کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن جي لاءِ ??اڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجايو. هن گ??يل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن طريقن سان عالمي تڪ??ارن جي پرامن حل جي لاءِ ??اڪستان جي عزم کي پڻ ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي عالمي برادري جو گ??يل مقصد آهي، ان جي باوجود حل نه ٿيندڙ ڪشمير مسئلي جهڙا عالمي تڪ??ار ترقي جي عمل کي متاثر ڪن ٿا ۽ غربت جو سبب بڻجند?? رهن ٿا. هن چيو ته سڀ کان وڏي اسرندڙ ملڪ ۽ پائيدار ترقي جي حصيدار طور چين جو عوام جي ضرورتن کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي لاءِ عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار ميڊي ايشن عالمي تڪ??ارن جي فوري ۽ گهٽ لاڳت حل جي راهه هموار ڪندي.