اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميم??رن سان ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميم??رن راجا سلمان رفيق، رابعه نسيم فاروقي ۽ ميان مرغوب احمد وزيراعظم شهباز شريف سان جدا جدا ملاقات ڪئي. ملاقاتن ۾ پنجاب صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.