اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) ملڪ جي اولهندي ۽ مٿئين علائقن ۾ ڇنڇر کان سومر تائين جبلن تي برفباري سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿيندو، اولهندي هوائن جي اثر هيٺ علائقن ۾ سرديءَ جي شدت ۾ اضافو متوقع آه?? جڏهن ته برفباري ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري رستا بند ٿيڻ جو خدشو آه??، اڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتح??ل کان بچڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن ۽ ادارن الرٽ رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آه??. موسميات کاتي موجب اولهندي هوائن جو ڇنڇر ڏينهن ملڪ جي اولهندي حصن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آه?? جيڪو آچر تي مٿئين علائقن کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏ??ندو ۽ اها صورتحال سومر (ٻنپهرن) تائين برقرار رهي سگهي ٿي. ان موسمي نظام جي اثر هيٺ مريءَ، گليات، ڪشمير (وادي نيلم، مظفرآباد، پونچ، بٽيان، باغ، حويلي، سدهنوتي، ڪوٽلي، ڀمڀر، ميرپور)، ??لگ?? بلتستان (ديامير)، استور، غذر، اسڪردو، هنزه، ??لگ??، گهانچي، شڪر، چترال، دي??، سوات، مانسهره، هري پور، ڪوهستان، ايبٽ آباد 28 (شام/ رات) کان 30 جنوري تائين جڏهن ته اسلام آباد، پوٺوهار ريجن، گوجرانوالا، گجرات ۾، حافظ آباد، مندي بهاءُ الدين، سيالڪوت، نارووال، لاهور، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، جهنگ، قصور، شيخوپوره، ننڪانه صاحب، خوشاب، ميانوالي، سرگوڌا، ڪرڪ، پشاور، چارسده، نوشهره، صوابي، بونير، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، بنون ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ 29 ۽ 30 جنوري تائين ڪٿي ڪٿي ڳڙي خان برسات ۽ پهاڙن تي برفباري، / طوفان / گجگوڙ سان برسات جو امڪان آه??. ڪوئيٽا، زوب، بارکان، هرنائي، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، پنجگور، تربت، خضدار، قلات ۽ مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ 28 ۽ 29 جنوري (شام/ رات) تي هلڪي کان وچولي برسات جڏهن ته پهاڙن تي برفباري جو امڪان آه??. ان دوران بکر، ليه، ملتان، ڊيره غازي خان، سکر، بهاولپور، ساهيوال، اوڪاڙه ۽ پاڪپتن ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آه??. مري، گليات، ناران، ڪاغان، دي??، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويليان ۾ وچولي درجي جي شديد برفباري سان 28 تاريخ کان رستا بند ٿي سگهن ٿا جڏهن ته ان دوران مٿئين خيبرپختونخواهه، مري، گليات، ڪشمير ۽ ??لگ?? بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ پڻ ٿي سگهي ٿي. سياحن ۽ مسافرن کي ان عرصي دوران وڌيڪ محتاط رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آه??. اها برسات خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي باراني علائقن ۾ بيٺل فصلن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. موسميات کاتي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي مشورو ڏنو آه?? ته اهي اڳڪٿي جي مدي دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتح??ل کان بچڻ لاءِ ”الرٽ“ رهن.