اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي قومي سلامتي جي ادارن جي وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جو منصوبو ظاهر ڪيو ??يو، ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ م??ين?? دراندازي جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ??يو، پاڪستان انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ??ردارن جو پڻ پتو لڳائي ورتو، انڊيا جي 93 انفينٽري برگيڊ جو ايجنٽ بشر ۽ ٻه ساٿي عالم، اسلم فالس فليگ آپريشن جا مرڪزي ڪردار آهن. ڀروسي جوڳن ذريعن مطابق پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن جي وڏي ڪاميابي، مودي سرڪار جي نئين ڊرامي جو پورو اسڪرپٽ حاصل ڪري ورتو. ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ م??ين?? دراندازي جو ڊرامو تيار ڪيو ??يو آهي. منصوبي تحت بشير ڪجهه مقامي ماڻهن کي استعمال ڪري جشڪوال، آزاد ڪشمير سائيڊ کان بم يا آءِ ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪنهن ??سجد جي ويجهو ان ڪارروائيءَ کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو ??يندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي پڻ ظاهر ڪندي. ڊي ايس پي پريشنا ان فالس فليگ آپريشن کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، منصوبي ۾ 93 برگيڊ جي ڊوگر ارجمنٽ جي جٿن کي گهات لڳائي جعلي ريڪوري ڏيکارڻي آهي. فالس فليگ آپريشن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ دراندازيءَ جو الزام لڳائي دنيا ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ آهي، پاڪستاني انٽيليجنس ادارن سڄو منصوبو اڳواٽ بي نقاب ڪري مودي سرڪار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.