??حي?? يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي ??حي?? يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف ??عبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چي?? ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياري?? ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.