اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سو??ٽز??لينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير پن??نجي ڀاءُ شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تاريخي ۽ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ سعودي عرب جي پراڻي حمايت جي لاءِ ٿورن جو اظهار ۽ سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پن??نجي عزم کي ور??ايو.