ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي ??بديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي ??بديلين جي ڪري وڏا مسئلا د??پيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي ??بديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي ??حف?? ۽ بحالي جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مقصدن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحالي جي حوالي سان ان ??ي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڏس ۾ عالمي برادري جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي ??بديلين ??ي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??بديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي ??بديلين ??ي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي ??حف?? ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضر??رت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي ??فتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.