اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيا??ي جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. خودمختيا??ي جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنو??ي جو ڏينهن هر سال ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيا??ي جي حق جي ڏهاڙي طور تي ملهايو وڃي ٿو. اڄ جي ڏينهن 1949ع ۾ گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀارت بابت ڪميشن هڪ قرارداد منظور ڪئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختيا??ي جو حق استعمال ڪري سگهن، خودمختيا??ي جو هق عالمي ق??نون جو بنيادي اصول آهي جنهن کي عالمي انسني حقن جي تنظيمن پاران تسليم ڪيو وڃي ٿو. هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جي ق??نوني حق جي نشاندهي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام گذريل 75 سالن ۾ ان حق جو استعمال نه ڪري سگهي. ڀارتي حڪومت نه رڳو ڪشميرين جي نه ڇڏڻ جهڙي خودمختيا??ي جي حق کان انڪار ڪيو آهي پر هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرف?? قدمن سان ڪشميرين تي ڏاڍ جي هڪ نئ??ن باب جو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد مظلوم ڪشميري عوام جي بنيادي حقن جي حوالي سان عالمي برادري کي ان جي ذميواري ياد ڏيارڻ آهي. گڏيل قومن کي انهن واعدن ??ي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 74 سال اڳ ڪيا هئا ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختيا??ي جو حق حاصل ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن ڏينهن آئون پاڪستان جي حڪومت جي ان عزم کي ورجايان ٿو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختيا??ي جي حق لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.