لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) خاون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سان ٿيندڙ موت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بيداري پيدا ڪرڻ ضروري آهي. سفائر ريٽيل ??ميٽيڊ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي سلسلي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ا??ان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي، هن وڌيڪ چيو ته ا??ان ??ي انهن کي نه رڳو نوڪريون ڏيڻ گهرجن پر ان??ن جي صحت جو به خيال رکڻ گهرجي. عورتن جي صحت کي يقيني بڻائڻ خاندان جي خوشحالي ۽ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چيو ته هڪ عورت جي لاءِ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت ڄاڻڻ ??روري آهي، ڇو ته جيڪڏهن اهي ڪنهن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون ته اهي پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته ا??تياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان ??ڏوگڏ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي پهرين اسٽيج تي تشخيص ٿي وڃي ته صحتياب ٿيڻ جي شرح اٽڪل 98 سيڪڙو آهي ۽ علاج گهٽ مهانگو هوندو آهي. هن چيو ته عورتون عام طور تي شرم ۽ حيا جي ڪري ان بيماري کي ويجهي ماڻهن کان لڪائين ٿيون جن??ن جي ڪري نه رڳو معاشرتي مسئلا جنم وٺن ٿا پر اهڙين عورتن جو وڏ انگ حياتي وڃائي ويهي ٿو. هن چيو ته عام طور تي مالي اثرن جي ڪري به بيماري کي نظرانداز ڪيو ويندو هو، پر اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته ڪينسر جو علاج جيڪڏهن دي سان شروع ٿئي ٿو ته مهانگو ٿئي ٿو. خاتون اول سوال ڪيو ته جيڪڏهن عورتن جي صحت ٺيڪ نه آهي ته اهي ڪيئن ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي سارسنڀال ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي هر مهيني پنهنجي صحت جي لاءِ 5 منٽ جو وقت ڪڍن ۽ پاڻ معائنو ڪن. هن چيو ته ڪنهن به غيرمعمولي نمو جي صورت ۾ عورتن کي فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ويجهي خاندان جي ماڻهن سان ??الهه ڪري انهن کي ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ گهرجي. ثمينه عارف علوي ماڻ??ن جي ذهني صحت کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ معذور ماڻ??ن جي سارسنڀال جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ ??ي زور ڏنو. هن ڪاروباري برادري کي چيو ته اهي مختلف معذور ماڻهن کي افرادي قوت ۾ شامل ڪن ۽ انهن کي نوڪريون فراهم ڪن. هن عورتن کي ان??ن جي فيڪٽري ۾ نوڪريون فراهم ڪرڻ کانسواءِ ان??ن جي صحت جو خيال رکڻ تي سيفائر گروپ جي ڪردار کي ساراهيو.