اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر ۽ حيدرآباد ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سکر ۽ حيدرآباد ۾ 306 ڪلو ميٽر ڊگهي سکر حيدرآباد موٽروي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکندو. سکر حيدرآباد موٽرو?? پشاور ڪراچي موٽر وي (پي ڪي ايم) جو آخري حصو آهي جنهن ??ان پوءِ پاڪستان جا سڀئي وڏا ۽ اهم شهر موٽرويز سان ڳنڍجي ويندا. ڄاڻايل منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي تحت 30 مهينن جي ننڍي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم پهرين سکر ۽ حيدرآباد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو.