اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪ??ڻ جي منظوري ڏئي ڇ??ي آهي، ??ڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪ??ڻ جو منصوبو جلد پيش ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪ??ڻ جي لاءِ پلان جلد کان جلد پيش ڪيو وڃي. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽر??چر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪ??ڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.