اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ مختلف وزارتن جي ناڻي جي مطالبن جي منظوري جو عمل جاري ه?? ته ان دوران وزيراعظم وفاقي وزير اياز صادق ۽ ٻين سان گڏ ايوان ۾ آيو. ميمبرن ڊيسڪون وڄائي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم سان ايوان ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جا مي??بر ملاق??تو?? ڪندا رهيا ۽ پنهنجي تڪن جي مسلئن کان ک??س آگاهه ڪندا رهيا. وزيراعظم ڪجهه ميمبرن جي مسئلن تي موقعي تي ئي حڪم پڻ جاري ڪيا. وزيراعظم سان قمر زمان ڪائره، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، سردار اياز صادق، مرتضيٰ جاويد عباسي، عائشه ر??ب بلوچ، ڊاڪٽر رميش ڪمار وينڪواڻي، شاهه زين بگٽي، راڻا تنوير حسين، شگفته جماڻي، ڊاڪٽر نثار چيما، راڻا تنوير الحسن نور ۽ ٻين پڻ ملاق??تو?? ڪيون.