اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته گوجرانوالا ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آه?? ت?? بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آه?? ت?? بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، معيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آه??، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آه??. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙن جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آه??، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آه??. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آه??، هن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آه??. مريم اورنگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ملڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.