اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرئين قوتن جي منشا تي پاڪستان تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي، بي اعتمادي جي رٿ آئين جي آرٽيڪل 95 تحت پيش ڪئي وڃي ??ي، عمومي حالتن ۾ اهو جمهوري حق آهي ۽ ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي پر هي معاملو بي اعتمادي جو نه آهي، آ??ٽيڪل 5 اي جو آهي، آ??ٽيڪل فائيو اي تحت رياست سان وفاداري هر شهري جو فرض آهي، آ??ٽيڪل فائيو اي تي چيئر کان رولنگ اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ قانون ??اري وفاقي وزير چيو ته 7 مارچ تي اسان جو سفير هڪ آفيشل ميٽنگ ۾ شرڪت ڪري ٿو، ان ۾ ٻئئي ملڪ جا آفيشلز پڻ ويهن ٿا، اسان جي سفير کي ٻڌا??و وڃي ??و ته عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي پئي وڃي، 8 مارچ تي بي اعتمادي رٿ اچي ٿي، اسان کي ٻڌا??و وڃي ??و ته پاڪستان سان اسان جي لاڳاپن جو دارومدار بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي تي آهي، جيڪڏهن اها بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ٿي ته توهان کي معاف ڪ??و ويندو، جيڪڏهن اها ڪامياب نه ٿي ٿئي ته توهان جو ايندڙ رستو تمام سخت هوندو. هن چيو ته بدقسمتي سان ٻاهرئين قوتن جي منشا تي رجيم بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان جي ڪجهه اتحادين ۽ پنهنجي 22 ماڻهن جو ضمير به جاڳي وڃي ??و ۽ معاملا هيستائين پهچي وڃن ٿا. هي معاملو بي اعتمادي جو نه، آ??ٽيڪل 5 اي جو آهي، ڇا 22 ڪروڙ ماڻهن جي رياست ايتري ڪمزور آهي جو ٻاهريون طاقتون ??يهي هتي حڪومتون بدلائي ڇڏين؟ ڇا ٻاهرئين ملڪ جي مدد سان پاڪستان ۾ رجيم تبديل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا اها آئين جي آرٽيڪل 5 جي خلاف ورزي آهي يا نه؟ ڇا پاڪستان جي عوام ڪٺ پتلي آهي؟ ڇا اسان پاڪستانين جي ڪا حيثيت نه آهي؟ ڇا اسان غلام آهيون؟ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي بقول اسان ڀڪاري آهيون، جيڪڏهن اسان غيرتمند قوم آهيون ته اهو تماشو نه ٿو هلي سگهي. چيئر پاران آرٽيڪل 5 اي تي رولنگ اچڻ گهرجي.