اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي دنيا جي ??تحاد تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب آبادي جي نمائنده اداري طور اسلامي تعاون تنظيم جي مضبوط آواز ڪشمير ۽ فلسطين جي پراڻن مسئلن جي ???? لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وزيراعظم پاڪستان جي ??دارت سنڀالڻ کانپوءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 ??ين اجلاس کي پنهنجي ??هم خطاب ۾ چيو ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين ٻنهي کي مايوس ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي جو اسان ڏيڍ ارب جي وڏي آواز هجڻ جي ??اوجود پنهنجو اثر نه وجهي سگهياسين. مسلمان ملڪن جي 57 رڪني تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس جنهن جو عنوان ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري قائم ڪرڻ“ آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل ڪوششن جي ??ريعي گڏيل مقوعن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ او آءِ سي جي ??يڪريٽري حسين براهيم طحه، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ??در ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، چين جي ??سٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ ٻين پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي ??طاب ۾ اسلامو فوبيا، عالمي تڪرارن ۽ افغانستان، ڪشمير، فلسطين ۽ يوڪرين جي ??ورتحال سميت ٻين مسئلن طرف ڌيان ڇڪرايو. عمران خان چيو ته عالمي برادري ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته اهي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا. جڏهن ته هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??يثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي ??هواسين کي انساني حقن جي ??نگين صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته جيستائين اسان متحد نه ٿينداسين، اسان ظلم ڏسندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشميري مسلمانن جي ??ڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي. عمران خان خبردار ڪيو ته دنيا سرد جنگ طرف وڌي رهي آهي، ملڪ بلاڪس ۾ ورڇ ٿيڻ جا امڪان آهن. هن چيو ته جيستائين اسان اسلامي پليٽ فارم طور تي متحد نه ٿينداسين، اسان ڪٿي به نه بيهنداسين، يوڪرين جي ??ورتحال تي هن اهڙي طريقيڪار تي غور ڪرڻ جي ??جويز ڏني جنهن تحت چين سان گڏوگڏ او آءِ سي ملڪ وڌندڙ تڪرارن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.