اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جو 75 هون سال آهي، هن سال سمور?? ادا??ا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي تقر??بن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي، جنهن ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا اهم پرڏيهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي کي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ انهن لمحن کي يادگار بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي ”لوگو“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال سمور?? ادا??ا شاندار تقريبون منعقد ڪندا، ڊائمنڊ جوبلي جي تقر??بن جي شروعات 23 مارچ جي پريڊ سان ٿيندي ۽ 14 آگسٽ تي به اهم تقريبون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ جي پريڊ خصوصي پريڊ هوندي جنهن ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ ڪجهه يورپي ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ اهم نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان پنهنجي تاريخ جي سمورين شاندار ڪهاڻين کي سامهون آڻيون. هن چيو ته پاڪستان جي آزادي جو 75 هون سال آهي، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته ڊائمنڊ جوبلي جي تقر??بن جو چارٽ جوڙيو وڃي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وزارت جي سمورن شعبن ۽ سمورين وزارتن ۽ کاتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن جن جي شروعات 23 مارچ کان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ٻين چئنلز ۽ سڀئي ادارن پنهنجا زبردست پروگرام ترتيب ڏنا آهن ۽ هن سال اسان 23 مارچ کي ان انداز ۾ ملهائڻ وڃي رهيا آهيون جنهن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين جي ڪهاڻي جيڪا شاندار ڪهاڻي آهي ان کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀلي اها اسان جي شاعري جي ڪهاڻي آهي، فوج جي جرئت ۽ دليري جي ڪهاڻي آهي، چاهي اسان جي پوليس جا نمايان ڪارناما هجن ۽ اسان جي قوم جي ٻين روشن ستارن جي ڪهاڻي هجي، اسان انهن سڀني ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن اسان اهو ڏيکاري سگهون ته 75 سالن ۾ پاڪستان ڪٿي هو ۽ ڪٿي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته اهو سفر شاندار هوندو، پاڪستان جي اها تقريب مستقبل جو پيش خيمو هوندي ۽ اسان ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين.