اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس سفير مسعود خان بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد ۽ من گهڙت پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته مسعود خان هڪ تجربيڪار ۽ سينئر سفا??تڪ??ر آهي، ڪشمير ميڊيا سروس موجب پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سردار مسعود خان جي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي طور مقرري ۾ دير جي حوالي سان ڀارت جي ڪڌي پروپيگنڊا کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو معاملو آمريڪي انتظاميه سان اڳتي وڌي رهيو آهي ان سلسلي ۾ ڀارتي ميڊيا رپورٽس پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارتي مهم جو حصو آهن، مسعود خان جي آمريڪا ۾ بطور سفير مقرري تي ڀارتي ميڊيا جي دعوائون جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ڀارتي ميڊيا رپورٽس، جعلي خبرن ۽ اسڪينڊل تي ٻڌل دعوائن ۽ بي بنياد الزامن جي ذريعي پاڪستان ۽ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن. عاصم افتخار چيو ته سفير مسعود خان انتهائي باصلاحيت سفا??تڪ??ر آهي ۽ هن کي گهڻ رخي ۽ ٻطرفي سفا??تڪ??ري جو 40 سالن جو تجربو حاصل آهي، واضح رهي ته سردار مسعود خان سفارتي ??دمتن تان رٽائرمينٽ کانپوءِ آزاد ڪشمير جي صدر جي طور تي ??ه خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي ۽ هو ڀارت سان پراڻي تڪرار ڪشم??ر تي پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو رهندو آهي.