اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ??لاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي ت??ير??تي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان ??وجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايندڙ دوري جي مناسبت سان ??اڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز ??ي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري م??ڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان ??وقعي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.