اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر دنيا جي مختلف ملڪن مان پاڪستان جي دوري تي آيل هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اسان چاهيون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي انساني ??قن ۽ مذهبي آزادي حاصل هجي، اميد آهي ته هندو ڪميونٽي ان جي لاءِ آواز اٿاريندي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار وانڪواڻي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ هندو ياترين جي وفد سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان امن ۽ ڀائيچاري تي يقين رکي ٿو، پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اقليتن جي ??قن جو تحفظ اسان جي مذهبي ۽ آئيني ذميداري آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن جي ??قن جي تحفظ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي، اقليتي برادري سان ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي عوامي ۽ پ??رلياماني ۽ حڪومتي سطح تي سخت مذمت ڪ??ي ويندي آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي رسمن موجب زندگي گذارڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. پاڪستان ڀارت سميت سڀني پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار دوستاڻا لاڳاپا چاهي ٿو، هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اظهار جي آزادي جي راءِ ۽ مذهبي رسمون ملهائڻ تي پابندي عائد آهي، والاريل ڪشمير ۾ ??قن جون پائماليون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي چارٽر موجب بنيادي انساني حق ڏنا وڃن. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، پاڪستان جي موجوده حڪومت مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، مذهبي سياحت جي فروغ سان گڏيل رابطن ۾ اضافو ٿيندو. موجوده حڪومت شهرين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ لاءِ ق??م کڻي رهي آهي، سڄي ملڪ ۾ شهرين کي بنا رنگ ۽ نسل ۽ مذهب کان سواءِ صحت ڪ??رڊ جاري ڪيا پيا وڃن، اسپيڪر چيو ته مختلف ملڪن مان آيل هندو ياترين جي وفد کي پاڪستان کي خوش آمديد چوان ٿو. قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار پارليامينٽ هائوس ۾ وفد جي گرمجوشي سان آجيان تي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اقليتن جي ??قن جي تحفظ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو بطور ڪسٽوڊين آف دي هائوس جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. حڪومت پاران مذهبي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. مذهبي سياحت جي فروغ سان بين المذاهب هم آهنگي ۾ اضافو ٿيندو.