اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏين صنعتن جي فع??ل ٿيڻ سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم عمران خان سان عقيل ڪريم ڍيڍي ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي ا??تص??دي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڪوويڊ 19 جي باوجود حڪومت وچولي کان ڊگهي مدي وارن ا??تص??دي سڌارن طرف ڪاميابي سان گامز?? آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان جي ا??تص??دي صورتحال مستحڪم ٿي آهي. وزيراعظم لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ان سان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. عقيل ڪريم ڍيڍي ملڪ ۾ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته انهن قدمن سان ملڪ جي ا??تص??دي ۽ صنعتي ترقي تي ڏورس مثبت اثر پوندا.