اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغا??ست??ن ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغان عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وفد جي قيادت ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهين ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، افغا??ست??ن جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ت?? جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائشن جي حوالي سان پاڪستان جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني رابطن جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير افغا??ست??ن جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سا?? نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته افغا??ست??ن جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هم ??هن??ي آهي،
هن چيو ته افغا??ست??ن ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري افغا??ست??ن ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳاله?? جي آهي ته افغا??ست??ن ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغا??ست??ن جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، اقتصادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغا??ست??ن ۾ قدم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهرين جي ڪابل مان محفوظ طريقي سا?? نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.