وزيراعظم جي صدارت ۾ سلامتي بابت اعليٰ سطح جو اجلاس

image

اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ سلامتي بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آپريشن رد الفساد جي نتيجن جو جائزو ورتو ويو ۽ اتفاق راءِ سان ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته هدف حاصل ڪرڻ تائين آپريشن جاري رهندو، اجلاس ۾ چيو ويو ته آپريشن رد الفساد پوري ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين ۾ وسيع بنياد تي اتفاق راءِ ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي مان ڇوٽڪاري جي لاءِ عوام جا جذبا دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي سوڀ جي ضمانت آهن.

مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada