اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي ت??فظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ا??ساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ا??ائيگي مرڪزن تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي ت??بيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته معذور ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ معذور ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.