برسلز -19 مارچ (اي پي پي) يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چي?? آهي، ته اسرائيل غزه جي پٽي ۾ ڏڪار پيدا ڪري رهيو آهي ۽ بک کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي. العربيه مطابق هن برسلز ۾ غزه لاءِ انساني امداد بابت هڪ ڪانفرنس جي افتتاح جي موقعي تي چي?? ته غزه ۾ اسان هاڻي ڏڪار جي ويجهو نه پر ڏڪار جي حالت ۾ آهيون، جنهن ۾ هزارين ماڻهو ڏڪار ۾ مبتلا آهن. هن چي?? ته اهو قبولڻ جوڳو ناهي. ڏڪار کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ اسرائيلي جنگ ڏڪار جو سبب بڻجي رهي آهي. هن چي?? ته غزه کي ڏڪار جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي جيڪو قبولڻ جوڳو ناهي. ه?? فوري جنگ بندي جي معاهدي تي زور پڻ ڀريو. واضح رهي ته غزه جي صحت واري وزارت سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چي?? ه?? ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي جنگ ۾ 31726 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 73792 زخمي پڻ ٿيا آهن. وزارت وڌيڪ ٻڌاي?? ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽڪل 81 فلسطيني شهيد ۽ 116 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.