ڄام نواز علي-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت عارف علوي چيو آهي ??ه تازين برساتن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن واهر ڪري رهي ??هي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وفاقي، صوبائي حڪومت، عدليا ۽ فوج سڀ هڪ ئ?? پيج تي آهن. تعميراتي پيڪيج سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙو اظهار هن ڄام نواز علي ۾ برسات متاثر علائقن جو هوائي دورو ڪرڻ بعد نوابزاده ڄام ذوالفقار علي خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڄام فاروق علي خان جي رهائشگاهه تي متاثرين سان ملاقات ۽ متاثرين ۾ راشن ورهائڻ واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته برساتن سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ متاثري?? کي هر ممڪن واهر ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي ??هي، اسان جي اولين ترجيح متاثرين جي ٻيهر بحالي ۽ انه?? کي کاڌ خوراڪ پهچائڻ آهي. ه?? چيو ته سنڌ ۾ تمام گهڻي گئس ملڻ باوجود سهولتون گهٽ آهن، اسان جي هتي اچڻ جو مقصد عوام جا سور ختم ڪرڻ آهي. احتساب جاري رهندو. اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ??ه ماڻه?? کي سهولتن سان گڏ روزگار ميسر ٿئي.