اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئ?? آهي ته ڏورانهن علائقن ۽ پوئتي پيل علائقن خاص طور تي بلوچستان، ضم ٿيل علائقن ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت جي فراهمي ۽ بهتر ڪوريج کي يقيني بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ حڪومت طرفان وڌيڪ مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان ناڻي واري صلاحڪار، صنعت ۽ پيداوار واري وزير، منصوبابندي واري وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ تعليم و??ري وزير تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت به ڪئ?? آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج کي وڌائن ۽ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو وفاقي وز??ر سيد امين الحق، تعليم و??رو وفاقي وزير شفقت محمود، آءِ ٽي جو سيڪريٽري، پي ٽي اي چيئرمين، سي اي او يونيورسل سروس فنڊ (يو ايس ايف) ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.