اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ا??ي عيدالاضحيٰ تي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسان کي عيدالاضحيٰ تي هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، بحيثيت قوم اها اسان جي گڏ??ل ذميواري آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لا??ِ ??حتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪريون.