اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر انب جي ايڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان گهرو وزارت جي غير تسلي بخش جواب تي سخت ڪاوڙ جو ا??ها?? ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن جي اندر اهو مسئلو حل ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير سميت مخالف ڌر جا ميمبر به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بارڊر تي انب ا??ڪسپورٽرز کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار تي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گهرو وزارت جو جواب تسلي بخش نه آهي، اسپيڪر ان تي سخت ڪاوڙ جو ا??ها?? ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته 24 ڪلاڪن ۾ مسئلن کي حل ڪري جواب ڏنو وڃي، اسپيڪر چيو ته انب جي روانگي واپار لاءِ وقت سر ??يص??و نه ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، گذريل 6 سالن کان پاڪستان جو روانگي واپار گهٽ ٿي رهيو آهي، ايڪسپورٽرز چيو ته حڪومت اسان سان تعاون ڪري، اسان کي انب ٻاهر موڪلڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، اسان پوري دنيا ۾ انب ا??ڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون، پي آءِ اي جي ??ري??ي انب جي ايڪسپورٽ وڌائڻ جي لاءِ اگهن ۾ رعايت ڏيڻ جي ضرورت آهي.