اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس صحت جي عالمي نظام لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي ?? وائرس سبب درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيني ڊاڪٽرن ۽ طبي ماه??ن جي 8 رڪن?? ٽيم سان ملاقات دوران ڪيو.