اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي شڪل ۾ قوم کي در??يش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ واري جذبي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبن کي جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن ڏنو وي?? پر ان جو مطلب زبردستي عوام کي گهرن تائين محدود ڪرڻ نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي قوم کي خطاب کانپوءِ مختلف سياسي اڳواڻن، سماجي ليڊرشپ ۽ ميڊيا جي تجزيه ڪارن جي جيڪا راءِ سا??هون آئي آهي ان ۾ اڪثريت جي سوچ ۽ بيانيو هو ته پاڪستان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻ گهرجي.