اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري ملڪتي وزير حنا رباني کر 16 کان 20 جنوري ت??ئين سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم ج?? 53 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ اڪنامڪ فورم ج?? اجلاسن ۾ باقاعده شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان فورم ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربراهن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ??ي اهم شخصيتن ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن سان پڻ ملاقات ڪندا.