اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ ??ان پرڏ??هي وزارت ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏ??هي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏ??هي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏ??هي وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. پرڏ??هي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو ا??ان پنهنجي آزادي جو 75 هون سال ملهائي رهيا آهيون، پرڏ??هي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تنظيمن جي سرگرمي جي باري ۾ سينئر عهديدارن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل خصوصي رپورٽ کي ساراهيو ۽ چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، وحشياڻي فوجي قبضي تحت انساني حقن جي صورتحال کي خراب ڪرڻ کانسواءِ ڀارت والاريل علائقي ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي تي لٿل آهي، شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا تي تازي قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪستان جي قدمن کي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن پاران مڪمل حمايت حاصل رهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا تي خصوصي ايلچي مقرر ڪرڻ ??ان اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي ??نهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خاص طور تي انساني بحران، او آءِ سي جي مسلسل ڌيان جي گهرجائو آهي، اميد آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ جي آپريشنل آغاز ??ان افغان عوام کي درپيش انساني چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. شاهه محمود قريشي 19 ڊسمبر 2021ع تي او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ ڪيل في??لن موجب ا??ان کي ??ناسب بجيٽ ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جي ذريعي ڪابل ۾ او آءِ سي جي موجودگي ۽ خصوصي ايلچي جي آفيس کي ??ضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران ا??ان او اءِ سي کي ??ڌيڪ متحرڪ بڻائڻ لاءِ سيڪريٽريٽ ??ان گڏ فعال طور تي رابطا هموار رکنداسين، ا??ان او آءِ سي چيئر جي طور تي پنهنجي مينڊيٽ کي ??ورو ڪرڻ لاءِ سيڪريٽريٽ جي مسلسل حمايت جا خواهشمند آهيون.