اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بل??ول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان س??ن تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بل??ول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بل??ول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بل??ول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا ??هي?? جيئن جيئن وقت گذرندو بل??ول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بل??ول آئيني ترميم لاءِ اسان س??ن گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ??هي?? شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو ??هي??ن جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بل??ول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو ??هي?? هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن ??هي?? مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪلي?? آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪ??ي، ڏکڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بل??ول ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.