اسلام آباد – 15 ڊس??بر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ??هي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکنداسين جڏهن ته 16 ڊس??بر 2014ع جي ڏينهن کي ملڪ جي تاريخ جو ڪاري ڏينهن طور تي ياد رکيو ويندو. اهڙن خيال?? جو اظهار هنن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي 7 هين ورسي جي موقعي تي جاري پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ ڪيو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ??ه اي پي ايس سانحي جي واقعي ۾ 132 کان وڌيڪ ٻارن ۽ استادن جي شهادت پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو هو، هنن چيو ??ه آرمي پبلڪ اسڪول جي ان معصوم هيروز دهشتگردي کان پاڪ ۽ تعليم يافته پاڪستان جي لاءِ قوم کي متحد هجڻ جو پيغام ڇڏي ويا آهن. اسپيڪر چيو ??ه 7 سالن کانپوءِ به اي پي ايس سانحو ناقابل برداشت درد جي موجودگي جي طور تي محسوس ٿيندو آهي. هن چيو ??ه قوم کي شهيدن جي خاندانن تي فخر آهي جنهن ان عظيم صدمي کي برداشت ڪيو ??هي، پوري قوم ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.