اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ??ري سنڌ جي عوام کي نقصان ٿي رهيو آهي، اٽو ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام سان سنڌ جي عوام محروم آهي، سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳاله?? جو انتقام وٺي رهيو آهي، پاڪست??ن جي عوام کي ڊگهي عرصي کانپوءِ اهڙي حڪومت ملي آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي، وزيراعظم عمران خان ان تي مخالفين به اعتماد ڪندا آهن، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصبوبا لڳائي معيشت جو ٻيڙو غرق ناهي ڪيو، اڄ پاڪست??ن جي سياسي قيادت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، مخالف ڌر واريءِ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ??ري ويندي آهي، 23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهندي ته مارچ ??ري وٺندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪووڊ کانپوءِ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي حڪومت تي ڪرپشن جو ڪو شڪ ناهي ڪيو ويو جيڪا حوصلا واري ڳالهه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي. وزيراعظم عمران خان تي سندس مخالف به يقين رکندا آهن، اڄ سياسي حڪومت تي اعتماد بحال ٿيو آهي، 89 سيڪڙو ماڻهو ڪورونا ۾ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته دنيا ۾ تمام گهٽ مثال موجود آهن ته ڪورونا وبا کانپوءِ ڪو ملڪ 5 سيڪڙو شرح سان ترقي ??ري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪست??ن جي معيشت ۾ 5 سيڪڙو گروٿ ريٽ کي آءِ ايم ايف به تسليم ??ري رهيو آهي، اميد آهي ته اسان 5 سيڪڙو جي شرح کان وڌيڪ ترقي حاصل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته گذريل سال زرعي شعبي ۾ تقريبن 400 ارب روپين جي آمدني ٿي، آبادگ??رن کي ڪڻڪ جي فصل ۾ 118 ارب روپيا، ڪپهه جي فصل ۾ 138 ارب روپيا، چانورن ۾ 46 ارب روپيا، مڪئي ۾ 3 ارب روپيا ۽ ڪمند ۾ 96 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، ان اضافي آمدني جي ??ري ٽريڪٽر، گاڏين، زرعي اوز??رن ۽ يوريا ڀاڻ جي کپت ۾ اضافو ٿيو، هن چيو ته يوريا ڀاڻ جي پاڪستان ۾ قيمت 1700 روپيا آهي جڏهن ته عالمي منڊي ۾ ??ن جي قيمت 10 هزار روپيا آهي، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ ٽرڪ ڀاڻ ٻاهرين ملڪ هليو وڃي ته 70 کان 80 لک روپين جو فائدو ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي ??ري وزيراعظم عمران خان پاڪست??ن جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سوشل پروٽيڪشن پروگرام جو اعلان ڪيو، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي هر شهري کي 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر هوندي، اها سهولت بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتست??ن جي شهرين کي به فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي پروگرام جا دنيا ۾ مثال نٿا ملن، برطانيه ۾ نيشنل هيلٿ سروسز ۾ ماڻهن کي علاج جي سهولت لاءِ پريميم ادا ڪرڻو پوندو آهي، هن چيو ته اس??ن جو شناختي ڪارڊ ئي هيلٿ ڪارڊ هوندو، ڪنهن به سرڪاري اسپتال ۾ علاج مفت ٿيندو، 50 هزار روپين کان گهٽ آمدني و??رن ماڻهن کي اٽو، دال، گيهه تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي. کين اٽو 2018ع جي قيمت جي مقابلي ۾ گهٽ قيمت تي دستياب هندو،
وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي پاليسين جي ??ري سنڌ جي عوام ان سهولت کان محروم آهي، سنڌ تي اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عوام سان ڪو به سروڪار نه آهي، هن چيو ته سنڌ کانسواءِ پوري پاڪست??ن جي شهرين کي صحت جي مفت سهولت ميسر هوندي. پوري ملڪ ۾ اٽو 1100 روپيا في ٿيلهو ملي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي 1446 روپين ۾ ملي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت 90 روپيا آهي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 97 کان 100 روپين جي وچ ۾ آهي، هن چيو ته سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي وڏي وزير کان سوال پڇڻ گهرجي ته هو سنڌ جي عوام سان ڪهڙي ڳاله?? جو انتقام وٺي رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي پاليسين جو نقصان سنڌ جي ماڻهن کي ٿي رهيو آهي، اسان ??ن جي مذمت ڪريون ٿا، وفاقي وزير چيو ته غريب ماڻهن کي سڌو سنئون امداد جي فراهمي عمران خ??ن جو ويزن آهي، اسان ن ليگ وانگر اورينج ٽرين ۽ بجلي جا مهانگا منصوبا لڳائي معيشت کي ٻيڙو غرق نه ??ري رهيا آهيون، اڄ پاڪست??ن جي سياسي قيادت جي ساک ۾ اضافو ٿيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر ٿڪل پهلوانن جو ٽولو آهي، مخالف ڌر واريءَ جي ديوار وانگر آهي جيڪا ٺهندي ئي ??ري پوندي آهي، هن چيو ته نفرت تي ٻڌل پاليسيون نه هلنديون، پنهنجي ايجنڊا ماڻهن جي سامهون رکڻي پوندي آهي، هن چيو ته23 مارچ تائين پي ڊي ايم رهجي وئي ته لانگ مارچ ??ري وٺندي.