اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را????م عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا ??ڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽ??ئي??ر تي جاري ٽ??ئي??س ۾ چئي آهي. وز??را??ظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وز??را??ظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا ??ڳو افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.