اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانس??ان کي انساني بنيادن تي امداد فر??هم ڪري رهيا آهيون. افغانس??ان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانس??ان جي فوري مالي معاونت جي فر??هميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، پاڪس??ان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل پريس ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لاڀائتيون رهيون آهن. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانس??ان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پرڏيهي وزير کي 20 کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغان شهرين کي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخالف ڌُرين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغانس??ان کي انساني بنيادن تي امداد فر??هم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پاڪس??ان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني رستن ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانس??ان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانس??ان جي فوري مالي معاونت جي فر??هميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي ۽ انهن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان پاڪس??ان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ پاڪستانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پرڏيهي وزير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ پاڪستاني جن جي و??ڪس??ن ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فر??هم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ پاڪس??ان وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪس??ان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان پاڪس??ان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانس??ان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ پاڪس??ان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به انساني الميي کان بچڻ لاءِ اسان کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.