اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ڪوششن ۾ تعاون جاري رکندو، اميد آهي افغان اڳواڻ افغان مسئلي جي وسيع البنياد ۽ ٺوس سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا، ڄمون ڪشمير تڪرار سميت سمورن معاملن تي ترڪيءَ جي مضبوط ۽ مسلسل حمايت تي ٿورائتا آهيون. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيءَ جي دفاع واري وز??ر حلوسي آڪار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وز??راعظم عمران خان پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ بي مثال گڏيل اعتماد ۽ گڏيل حمايت جي بنياد تي تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. وز??راعظم ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي ڀائر عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وز??راعظم ترڪيءَ ۾ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه سان نقصان تي همدردي جو پڻ اظهار ڪيو. پاڪستان پاران يڪجهتي ۽ ان آفت کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن امداد کي ورجايو. وز??راعظم ??طر??ي دفاعي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن معاملن خاص طور تي ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي پاڪستان جي ڀرپور ۽ مسلسل حمايت تي ترڪيءَ جا ٿورا مڃيا. علائقائي معاملن جي حوالي سان وز??راعظم افغان امن عمل ??ابت پاڪستان جي موقف کان کيس آگاهه ڪيو. وز??راعظم چيو ته ڳالهين ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ته افغان اڳواڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ۽ پائيدار سياسي حل جي لاءِ عالمي هم آهنگي جي اهميت کي تسليم ڪندا. وز??راعظم چيو ته پاڪستان افغان امن عمل ۽ سياسي حل جي لاءِ مدد ڏ??ڻ جي ڪوششن ۾ تعاون ڪندو. ترڪيءَ جي دفاع واري وز??ر ترڪي جي صدر اردوان پاران وز??راعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ڄمون ڪشمير سميت سمورن مسئلن تي ترڪيءَ پاران پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. هن وز??راعظم سان ملاقات ۾ دفاع سميت گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن افغانستان ۾ سياسي حل جي لاءِ ترڪيءَ جي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو. حلوسي آڪار جو پاڪستان جو دورو ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ اهم ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جو حصو آهي.