اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لا??ِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لا??ِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪ?? جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ?? جي دفاع واري وزير ??نرل (ر) خلوصي آقار سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي شعبي سميت لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ سڀني عالمي فورمن تي مڪمل تعاون آهي، صدر چيو ته اسلامي دنيا کي مختلف مسئلا ۽ ڳنڀير ??التون درپيش آهن. اسلام دشمني جهڙن وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لا??ِ اسلامي دنيا کي اتحاد جي ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي جنگ سبب سخت متاثر ٿيو. هن چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي پهچندو، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لا??ِ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان قبرص جي معاملي تي ترڪ?? جي حمايت جاري رکندو، صدر ڪشمير ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي حمايت تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ترڪ دفاع واري وزير ??رڪ صدر رجب طيب اردوان پاران صدر عارف علوي کي ترڪ?? جي دوري جو دعوت نامو پيش ڪيو، ترڪ دفاع واري وزير چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن کي گڏيل مفاد جي معاملن تي گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪرا?? تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تربيت سميت ٻين دفاعي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي.