اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن جي لاءِ روزگار ??ا ٻه پروگرام متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هنرمندي جي تعليم لاءِ هڪ لک 70 هزار ا??ڪالرشپ ڏنا ويندا، 50 هزار ا??ڪالرشپ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڏنا ويندا، ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ سئو ارب روپين جا قرض ميرٽ تي ڏينداسين، هر سال نوجوانن لاءِ فنڊن ۾ اضافو ڪيو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار جوانن لاءِ اهم وڊيو پيغام ۾ ڪيو.