اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي اڳو??ڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مريم نواز جي نيب پيشي تي سياسي جٿن جي اس??عم??ل جي ڌمڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي قانون جي پڪڙ کان بچڻ جي لاءِ پرتشدد حربن جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ڏسي رهي آهي ته هڪ عورت سياسي پليٽ فارم اس??عم??ل ڪندي جواب ڏيڻ بدران اداري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز جو گذريل ڏينهن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مريم نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کان آجي ماڻهو جو لڳي رهيو هو. هن چيو ته فضل الرحمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ اس??عم??ل ڪيو، انهن ماڻهن سياست کي غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.