اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي يو??يو??سٽين ۾ 150 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ عبدالولي خان يو??يو??سٽي مردان جي هڪ واکاڻ ??وڳ?? ڪاميابي آهي، يو??يو??سٽي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ يو??يو??سٽي جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي شوق ۽ محنت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان يو??يو??سٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن يو??يو??سٽي جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان يو??يو??سٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.