اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئ?? گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آ??ن، پئسي سان ماڻهن ??ا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آ??ن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آ??ن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ ک?? پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.