اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي ب??ادري ۽ مسيحي ب??ادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان م??ها??و ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچار?? جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃ??ندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪ??ڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.