مينگوره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇ??ي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌيڪ ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج ج?? خلاف ڳالهائي رهي آهي،عورت هجڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ڪجهه نه چئي رهيا ??هي??ن، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوب?? جي افتتاح جي موقعي تي مينگوره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.