اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ايندڙ مند ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، سيد فخر امام، ڊ??ڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊ??ڪٽر عشرت حسين، ڊ??ڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، عبدالرزاق دائود، اسد عمر ۽ مخدوم خسرو بختيار تي ٻڌل ڪميٽي ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافي جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڀاڻ خاص طور تي ڊي اي پي تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ تجويزون به تيار ڪندي، اي سي سي برآمدي شعبي (اڳوڻي زيرو ري??يڊ شعبن) لاٰءِ بجلي، آر ايل اين جي ۽ گئس جي رعايت لاءِ رجسٽريشن جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزي??اع??م جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدات ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو.